جويريه ام المومنين

جويريه، ام المومنين: ام المومنين بيبي جويريه رضه، حارث بن ضرار جي نياڻي هئي، جيڪو بني مصطلق قبيلي جو سردار هو، بيبي جويريه جي شادي مسافع بن صفوان سان ٿي هئي، جيڪو غزوه مريسيع ۾ قتل ٿيو. هن جنگ ۾ ڪثرت سان مسلمانن کي ڪنيزون هٿ آيون، انهن ئي ڪنيزن ۾ بيبي جويريه رضه به شامل هئي. جڏهن مال غنيمت جي ورهاست ٿي، تڏهن هيءَ بي بي بن قيس'>ثابت بن قيس انصاريءَ جي حصي ۾ آئي. اسلام ۾ مالڪ جي رضا سان غلام/ ڪنيز کي ڪجهه رقم ادا ڪري آزاد ڪرڻ جي اجازت آهي. ان ڳالهه کي مد نظر رکندي بيبي جويريه حضور صلعم وٽ آئي ۽ کين عرض ڪرڻ لڳي ته آءٌ مسلمان ڪلمه گو عورت جويريه، حارث جي نياڻي آهيان، بن قيس'>ثابت بن قيس مون کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر مون وٽ ايتري رقم نه آهي، جو آءٌ پاڻ کي آزاد ڪرائي سگهان. هاڻي توهان ئي منهنجي مدد ڪريو. اهو ٻڌي حضور صلي الله عليه وسلم جن بيبي جويريه رضه کي فرمايو ته ڇا اوهان مون سان نڪاح ڪندؤ؟ اهو ٻڌي بيبيءَ چيو ته ان کان وڌيڪ مون لاءِ ڪهڙي خوش بختي ٿيندي. ان کان پوءِ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم انهيءَ وقت بن قيس'>ثابت بن قيس کي مقرر رقم ادا ڪري بيبي جويريه رضه کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو. حضور صلي الله عليه وسلم جي رشتيداري ٿيڻ بعد جلد ئي بني مصطلق جي غلامن ۽ ڪنيزن کي وڏي تعداد ۾ آزاد ڪيو ويو. انهن آزاد ڪيل غلامن ۽ ڪنيزن جو تعداد 700 ٻڌايو وڃي ٿو. حضور صلي الله عليه وسلم بي بي جويريه رضه سان تمام گهڻي محبت ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا. بي بي عائشه رضه چوي ٿي ته ”بي بي جويريه رضه جي برڪت سان هزارين غلام ۽ ڪنيزون آزاد ٿيا“ هن پاڪ بي بي حضور صلي الله عليه وسلم جي حياتيءَ ۾ ئي 5 هه/626ع ۾ رحلت ڪئي، کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. ان وقت سندن عمر 65 ورهيه هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو